اي ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش

اي ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش

اي ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش

اي ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش: هيءَ ڊڪشنري انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ديو ناگري رسم الخط ۾ تيار ڪيل سنڌي – انگريزي ڊڪشنري جو سنڌي الٿو آهي، جيڪو محسن عباسي ۽ پارسا رضويءَ ڪيو آهي، جڏهن ته هن ڊڪشنريءَ کي ڊاڪٽر فهميده حسين ايڊٽ ڪيو آهي.
ڪئپٽن اسٽئڪ جي ديو ناگري ۾ لکيل سنڌي – انگريزي ڊڪشنري 1855ع ڌاري آمريڪن مشن پريس، بمبئي طرفان شايع ڪئي وئي هئي. موجوده سنڌي الٿي واري ڊڪشنريءَ جو پهريون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هيءَ ڊڪشنري ڊبل ڪرائون سائيز سان 645 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو